Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 5:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائين تہ اي خداوند، تو ڇو هن اُمت کي مصيبت ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو مون کي موڪليو اٿيئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي مالڪ! تو ڇو هن قوم کي مصيبت ۾ وڌو آهي ۽ ڇو مون کي هتي موڪليو اٿيئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 5:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


آسمان ۾ تو ڌاران منهنجو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ زمين تي توکان سواءِ مون کي ٻئي ڪنهن جي بہ خواهش ڪانهي.


۽ موسيٰ خداوند جي حضور ۾ پڪاريو ۽ چيائين تہ آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ هو مون کي سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.


اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟


اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو تنهنجي رحم جي نظر مون تي ڪانہ ٿي، جو تو هنن سڀني ماڻهن جو بار مون تي رکيو آهي.


۽ يشوع چوڻ لڳو تہ افسوس، اي خداوند خدا، ڇو تو هن قوم کي يردن لنگهائي آندو؛ انهي لاءِ ڇا تہ انهن کي امورين جي حوالي ڪرين، تہ ناس ٿي وڃن؟ شل اسين راضي ٿي يردن جي هن ڀر رهون ها!


۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ