Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 40:9 - Sindhi Bible

9 ۽ تون مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، عبادت جي خيمي کي، ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، تن سڀني کي مسح ڪج، ۽ انهي کي ۽ انهي جي سڀ سامان کي پاڪ ڪج؛ پوءِ اهو پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ تون مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي مقدس خيمي ۽ انهيءَ ۾ اندر موجود سڀني شين کي مسح ڪري مخصوص ڪج. اهڙيءَ طرح انهيءَ کي ۽ انهيءَ جي سموري سامان کي پاڪ ڪج، تڏهن اهو مخصوص ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 40:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو سچائيءَ کي پسند ڪيو آهي، پر بڇڙائي کان نفرت ڪئي اٿيئي: تنهن ڪري خدا، تنهنجي خدا، توکي تنهنجي سنگتين کان وڌيڪ خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪيو آهي.


۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو.


پتل جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو؛ حوض ۽ انهي جي صندلي؛


۽ تون چوڌاري اڱڻ بيهارج، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏج.


۽ خداوند جو روح انهيءَ تي لهندو، ڏاهپ ۽ سمجهہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح؛


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


تون مسح ڪيل ڪروبي هئين جو مٿان ڇانوَ ٿو ڪري: ۽ مون توکي مقرر ڪيو تہ خدا جي جبل تي رهين؛ تون باهہ جي پٿرن جي وچ ۾ گهمندو هئين.


پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، عبادت جي خيمي کي، ۽ جيڪي انهي ۾ هو، تنهن کي مسح ڪري پاڪ ڪيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛


۽ جڏهن يسوع بپتسما وٺي رهيو، تڏهن يڪدم پاڻيءَ مان نڪري ٻاهر آيو، ۽ ڏسو تہ آسمان سندس لاءِ کُلي پيو، ۽ هن خدا جو روح ڪبوتر وانگر لهندو ۽ پاڻ تي ايندو ڏٺو.


ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي.


انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين.


جو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ جيڪا تسلي خدا خود اسان کي ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي اسين اُنهن ٻين کي بہ تسلي ڏيئي سگهون جي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.


تنهن کانسواءِ هن تنبو ۽ عبادت جي سڀني ٿانوَن تي بہ ساڳيءَ طرح رت ڇٽڪاريو.


۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ