۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.
پوءِ هو انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي، پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش تي اڀرندي پاسي ڇاٽاري؛ ۽ اهو رت پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳيان ست ڀيرا ڇاٽاري.