23 ۽ انهيءَ تي خداوند جي حضور ۾ ماني ٺاهي جوڙي رکيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
23 انهيءَ تي نذراني وارا روٽ ترتيب سان خداوند آڏو رکايائين.
هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو.
۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.
۽ هن جماعت واري تنبو ۾، خيمي جي ڏکڻ واري پاسي، شمعدان رکيو،
۽ تون ميز اندر آڻي، انهيءَ جون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکج؛ ۽ شمعدان اندر آڻي، انهي جا ڏيئا ٻارج.
۽ تون ميدو کڻي، انهي مان ٻارنهن مانيون پچائج: هرهڪ مانيءَ ۾ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو هجي.
۽ تون اهي خداوند جي حضور ۾ پاڪ ميز تي ٻن قطارن ۾ رکج، هرهڪ قطار ۾ ڇهہ مانيون.
ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟
يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن.