Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 40:2 - Sindhi Bible

2 تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”تون پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو يعني مون سان ملاقات وارو خيمو کڙو ڪرائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 40:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي مٿي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان؛ پر هڪڙي تنبوءَ مان ٻئي تنبوءَ ۾، ۽ هڪڙي شامياني مان ٻئي ۾ پئي رهيو آهيان.


پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرين سال جي پهرين مهيني ۾ هن خداوند جي گهر جا در کولايا ۽ انهن جي مرمت ڪرايائين.


اوهين ابيب مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن ٻاهر نڪتا آهيو.


جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا.


وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.


جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تنهن موجب تون خيمو کڙو ڪري بيهارج.


۽ خيمي جي مٿان وجهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا جوڙج.


۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.


۽ تون انهي مان ڪجهہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج، انهي جو ڪجهہ حصو جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ واري صندوق جي سامهون رکج، ۽ اتي آءٌ توکي گڏبس؛ اهو اوهان جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندو.


يعني عبادت جو خيمو، ۽ انهي جو تنبو، انهي جو ڍڪ، انهي جا ڪنڍا، انهي جا تختا، انهي جا گز، انهي جا ٿنڀ ۽ انهي جا پايا؛


۽ هن پتل جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙيون، تہ تنبوءَ کي ڳنڍي يڪو ڪري ڇڏي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


۽ تون جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در جي اڳيان، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکج.


اسان جي قيد جي پنجويهين ورهيہ ۾، يعني شهر جي برباد ٿيڻ کان پوءِ چوڏهين سال ۾، سال جي شروع ۾ يعني ڏهين تاريخ، انهي ساڳي ڏينهن، خداوند جو هٿ مون تي هو ۽ اُنهي مون کي اُتي آندو:


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ، تون هڪڙو بي عيب وهڙو وٺج؛ ۽ پاڪ مڪان کي صاف ڪج.


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي پهرين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ جنهن ڏينهن عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو، تنهن ڏينهن ڪڪر عبادتگاهہ کي، يعني شهادت جي تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ سانجهيءَ جو اهو عبادتگاهہ جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو، جيسين ڪ وري صبح ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ