29 پوءِ موسيٰ ۽ هارون وڃي بني اسرائيل جي بزرگن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو:
29 پوءِ موسيٰ ۽ هارون مصر ويا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيائون.
هاڻي تون وڃ ۽ وڃي اسرائيل جي بزرگن کي گڏ ڪري کين چئُہ تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي ڏيکاري ڏيئي چيو آهي، تہ سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي، ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم؛
۽ بني اسرائيل جي بزرگن تي هن پنهنجو هٿ ڪين ڊگهيريو؛ ۽ هنن خدا کي ڏٺو، ۽ کاڌائون پيتائون.
پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.
تڏهن موسيٰ موٽي اچي ماڻهن جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون هيس، سي سڀ هنن کي بيان ڪري ٻڌايائين.
هن پنهنجي بندي موسيٰ ۽ پنهنجي چونڊيل هارون کي موڪليو.