Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 4:23 - Sindhi Bible

23 سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سو آءٌ تو کي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. جيڪڏهن تون هن کي وڃڻ نہ ٿو ڏين تہ پوءِ ياد رک، آءٌ تنهنجي پهريتي پٽ کي ماري ڇڏيندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 4:23
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن جي ملڪ جي پهريتن کي، يعني سندن طاقت جي پهرئين ڦل کي ماري وڌو.


هن مصر جا پهريان ڄاول ٻار ماري وڌا، انسان جا توڙي حيوان جا.


انهي جو جنهن مصر جي پهريتن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


۽ مصر جي پهريتن کي ماريائين، يعني جيڪي حام جي تنبن ۾ سندن طاقت جو پهريون ڦل هئا.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پر جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ ڏس، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ مڪڙ موڪليندس،


۽ مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار مري ويندا. فرعون، جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي کان وٺي، انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي تائين جا جنڊ ٿي پيهي؛ ۽ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا ٻچا مري ويندا.


پوءِ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو مصر جي ملڪ ۾ فرعون، جو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي پهريتي ٻار کان وٺي، قيدي، جو قيد خاني ۾ هو، تنهن جي پهريتي ٻار تائين، جيڪي بہ پهريتا ٻار هئا، ۽ جانورن جا جيڪي پهريتا ٻچا هئا، سي سڀ خداوند ماري وڌا.


۽ جڏهن فرعون اسان کي وڃڻ نٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا، يعني ماڻهن جا پهريتا ٻار، ۽ جانورن جا پهريان ٻچا ماري ڇڏيا: تنهنڪري جيڪي ٻچا پهرين ٿا ڄمن، تن مان نر آءٌ قربان ٿو ڪريان، پر پنهنجن پٽن جي پهريتن جي بدران عيوضو ٿو ڏيان.


۽ موسيٰ سارو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند اسرائيل جي خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون، ۽ ڪيئن خدا کين بچايو.


۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.


تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي چئُہ تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڏي.


۽ تون هن کي چئج تہ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ چيو اٿس تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن، ۽ ڏس، هيستائين تو منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجي لٺ ڊگهي ڪري زمين جي مٽيءَ تي هڻي، تہ مصر جي ساري ملڪ ۾ جُوئون ٿي پون.


۽ هنن ائين ئي ڪيو؛ هارون لٺ سميت پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ اها زمين جي مٽيءَ تي هنيائين، تہ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون پئجي ويون؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ زمين جي مٽي جُوئون ٿي پيئي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃي، هن کي چئُہ تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ، ۽ چوينس تہ خداوند، عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ، منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون ناڪار ڪري هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين، ۽ اڃا بہ کين روڪيندين،


جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ