2 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ هن چيو تہ لٺ آهي.
2 تنهن تي خداوند موسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ موسيٰ وراڻيو تہ ”لٺ آهي.“
پوءِ يعقوب سائي چنار ۽ بادام ۽ عرمون جون لٺيون کنيون؛ ۽ ڇلي انهن ۾ اڇا پٽا ڪڍيائين، ۽ انهن ڪاٺين ۾ جيڪا اڇاڻ هئي، سا ظاهر ڪيائين.
۽ اليشع انهيءَ کي چيو تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ؛ تو وٽ گهر ۾ ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجي ٻانهيءَ وٽ گهر ۾ تيل جي ٿانوَ کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪينهي.
خداوند صيون مان تنهنجي زور جي لٺ موڪليندو: سو تون پنهنجي دشمنن تي حڪومت هلاءِ.
تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.
تڏهن موسيٰ پنهنجي زال ۽ پنهنجن پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو؛ ۽ موسيٰ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي.
هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.
جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي.
پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.
۽ ڍورن ۽ ڌڻن منجهان بہ، سڀ جيڪي ڌنار جي لٺ هيٺان ٿا لنگهن، تن جو ڏهون حصو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو.
پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا.