Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 4:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يتروءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجن ڀائرن وٽ وڃان، جي مصر ۾ آهن، ۽ وڃي ڏسان تہ اڃا جيئرا آهن يا نہ. تڏهن يتروءَ موسيٰ کي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 4:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ آءٌ يوسف آهيان؛ ڇا، منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ تڏهن سندس ڀائر کيس ورندي ڏيئي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو سندس روبرو فڪر ۾ پئجي ويا.


۽ اليشع هن ڏانهن قاصد جي هٿان چوائي موڪليو تہ وڃي يردن ۾ ست ڀيرا غسل ڪر، ۽ تنهنجو ماس تو وٽ موٽي ايندو ۽ تون پاڪ ٿيندين.


۽ هن انهيءَ کي چيو تہ صحيح سلامت هليو وڃ. تڏهن هو وٽانئس ٿورو پري هليو ويو.


پوءِ موسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي ڏني.


هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.


پر هن انهيءَ زال کي چيو، تہ تنهنجي ايمان توکي بچايو آهي، سلامت هلي وڃ.


ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.


۽ داروغي اها ڳالهہ پولس کي ٻُڌائي، ۽ چيائينس تہ عملدارن حڪم ڏنو آهي تہ اوهان کي ڇڏي ڏجي: سو هاڻي نڪري اچو ۽ خير سلامتيءَ سان هليا وڃو.


جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، تن کي گهرجي تہ پنهنجن مالڪن کي گهڻي عزت جو لائق ڄاڻن، تہ خدا جي نالي، ۽ تعليم جي بدنامي نہ ٿئي.


۽ ڪاهن هنن کي چيو تہ سلامتيءَ سان هليا وڃو: جنهن رستي تي اوهين وڃو ٿا سو خداوند جي اڳيان آهي.


تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ: ۽ اسرائيل جي خدا کان جيڪا مراد گهري اٿيئي سا شل اُهو پورو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ