Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 4:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڪنهن ٻئي جي هٿان اهو پيغام موڪل.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پر موسيٰ وراڻيو تہ ”اي مالڪ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي کي موڪل.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 4:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند آسمان جو خدا، جنهن مون کي منهنجي پيءُ جي گهر مان ۽ منهنجي وطن مان ڪڍي آندو، ۽ مون سان ڪلام ڪيو، ۽ مون سان قسم کڻي مون کي چيو تہ آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس؛ سو ئي پنهنجي فرشتي کي تنهنجي اڳيان موڪليندو، تہ تون اُتان منهنجي پٽ جي لاءِ زال وٺي اچين.


۽ جيڪي، چڱا ست ورهيہ اچن، تن ۾ هو سڀ کاڌي جون شيون گڏ ڪري فرعون جي قبضي ۾ آڻين، ۽ هر ڪنهن شهر ۾ اَن جا انبار ڪري سنڀالي رکن.


۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين.


پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


ڏس، آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ تنهنجي نگهباني ڪري، ۽ جيڪا جاءِ مون تنهنجي لاءِ تيار ڪئي آهي تنهن ۾ توکي پهچائي.


تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي.


تنهنڪري هاڻي تون وڃ ۽ آءٌ تنهنجين ڳالهين سان هوندس، ۽ جيڪي توکي چوڻو هوندو سو توکي سيکاريندس.


تڏهن خداوند، موسيٰ تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ لاوين منجهان هارون تنهنجو ڀاءُ ڪونهي ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگهي ۽ ڏس، هو بہ توکي گڏجڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ۽ توکي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان.


پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.


تڏهن جهاز جو معلم هن وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ اي سمهندڙ، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ اُٿي پنهنجي خدا کي پڪار، تہ من انهيءَ خدا کي ڪو اسان جو خيال پوي ۽ اسين نہ ٻُڏون.


ابن آدم پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي سندس بادشاهت مان جيڪي شيون گمراهہ ٿيون ڪن، ۽ جيڪي بڇڙائي ڪن ٿا، تن سڀني کي ميڙي ڪٺو ڪندا،


يسوع جواب ڏيئي چين تہ خدا جو ڪم هيءُ آهي تہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن تي ايمان آڻيو.


۽ خداوند جو فرشتو جلجال مان بوڪيم ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو اٿم جنهن جي بابت اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هوم؛ ۽ اوهان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ڪڏهن بہ نہ ڀڃندس:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ