Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 4:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن خداوند چيس تہ ماڻهوءَ جو وات ڪنهن جوڙيو آهي؟ ۽ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ اهو آءٌ نٿو ڪريان ڇا، جو خداوند آهيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 4:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن.


خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.


خداوند انڌن جون اکيون ٿو کولي، خداوند جهڪيلن کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري خداوند راستبازن کي پيار ٿو ڪري.


اي خداوند تون منهنجن چپن کي کول؛ تہ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.


جنهن ڪن جوڙيو آهي سو نہ ٻڌندو ڇا؟ جنهن اک جوڙي آهي سو ڪين ڏسندو ڇا؟


ٻڌندڙ ڪن ۽ ڏسندڙ اک، انهن ٻنهي کي خداوند جوڙيو آهي.


تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.


۽ اهو هن منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، هي تنهنجن چپن کي لڳو آهي ۽ تنهنجو قصور ڪڍيو ويو ۽ تنهنجي گناهہ جو عيوضو ڏنو ويو آهي.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:


هاڻي انهي ڀڳل ماڻهوءَ جي اچڻ کان اڳ ۾، خداوند جو هٿ شام جي وقت مون تي هو، ۽ هن منهنجو وات پَٽيو؛ ۽ جڏهن اُهو ماڻهو صبح جو مون وٽ آيو، تڏهن منهنجو وات کليل هو ۽ آءٌ گونگو نہ هوس.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


۽ ڏس، تون گونگو ٿي پوندين، ۽ جنهن ڏينهن اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون، تنهن ڏينهن تائين تون ڳالهائي ڪين سگهندين، ڇالاءِ تہ منهنجو ڪلام جو پنهنجي وقت تي پورو ٿيندو، تنهن تي تو اعتبار نہ ڪيو آهي.


۽ اُنهي دم سندس وات ۽ زبان کُلي پيا، ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳو.


ٻيا چوڻ لڳا تہ هي ڪنهن ڀوتاريل جون ڳالهيون نہ آهن. ڇا ڪو ڀوت ڪنهن انڌي جون اکيون کولي ٿو سگهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ