Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 4:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 4:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي ۾ شڪ ڪونهي تہ اوهين اهي ماڻهو آهيو ۽ ڏاهپ اوهان سان گڏ مري ويندي.


تڏهن موسيٰ، خدا کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟


تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي.


تنهن تي موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪري چيو تہ ڏس، جڏهن بني اسرائيل منهنجي ڳالهہ نہ مڃي، تہ فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن مڃيندو؟ آءٌ تہ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪندو آهيان.


تڏهن موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪيو تہ ڏس، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان، سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃندو؟


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.


۽ موسيٰ کي مصرين جي سڀ ڪنهن قسم جي حڪمت جي تعليم ملي: ۽ هو ڪلام توڙي ڪمن ۾ طاقت وارو هو.


ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ هن جا خط بيشڪ اثرائتا ۽ زبردست آهن؛ پر جڏهن هو پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ هن جو بدن ڪمزور ڏسڻ ۾ ٿو اچي ۽ سندس تقرير بي اثر آهي.


پر جيڪڏهن آئون خوش تقريريءَ ۾ گهٽ آهيان، تہ بہ علم ۾ اهڙو نہ آهيان؛ بلڪ اهو اسان سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني ماڻهن جي اڳيان اوهان وٽ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ