Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 4:1 - Sindhi Bible

1 تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن موسيٰ خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن هو مون تي اعتبار نہ ڪن، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃين، بلڪ ائين چون تہ ’خداوند تو کي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 4:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هن هڪڙو نشان ڏيئي چيو تہ جنهن نشان جو خداوند ذڪر ڪيو آهي سو هي آهي: ڏسو، هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي، ۽ جيڪا خاڪ انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.


هن چيو تہ ڪنهن توکي اسان جي مٿان سردار يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي بہ انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ تنهن تي موسيٰ ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي آهي.


وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي اسرائيل جي بزرگن کي گڏ ڪري کين چئُہ تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي ڏيکاري ڏيئي چيو آهي، تہ سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي، ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم؛


۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.


۽ جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي هارون بيان ڪيون، ۽ هن ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا.


تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.


تنهن تي موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪري چيو تہ ڏس، جڏهن بني اسرائيل منهنجي ڳالهہ نہ مڃي، تہ فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن مڃيندو؟ آءٌ تہ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪندو آهيان.


تڏهن موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪيو تہ ڏس، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان، سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃندو؟


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


۽ ڀانيائين تہ منهنجا ڀائر سمجهندا تہ خدا منهنجي هٿان کين ڇوٽڪارو ڏيندو؛ پر هنن سمجهيو ئي ڪين.


۽ هن انهي کي چيو تہ جيڪڏهن هاڻي تنهنجي نظر ۾ مون کي مان مليو آهي، تہ مون کي ڪا اهڙي نشاني ڏيکار، جنهن مان مون کي خبر پوي تہ اهو تون آهين جو مون سان ڳالهائين ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ