Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 39:5 - Sindhi Bible

5 ۽ انهي جي مٿان ٻڌڻ لاءِ ڪاريگريءَ سان اُڻيل ڪمربند هو، جو چوگرد ڦري ٿي آيو؛ اهو ساڳئي ٽڪر مان هو، ۽ مٿس انهي جهڙو ڪم ٿيل هو، يعني اهو، سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 مذهبي فراڪ تي ڪاريگريءَ سان اُڻيل هڪڙو ڪمربند ڳنڍيو ويو. اهو بہ ساڳئي ٽڪري ۽ ساڳيءَ ئي بناوت وارو هو، يعني اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون جو هو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 39:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي،


سچائي هن جي چيلهہ جو پٽو ٿيندي، ۽ ايمانداري هن جي گردي جو پٽو ٿيندي.


پوءِ هن کي پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائينس، ۽ جبو ڍڪايائينس، ۽ مٿس اُفود وڌائين، ۽ اُفود وارو ڪاريگريءَ سان واڻيل ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌائينس، ۽ انهي کي ٻڌي قابو ڪيائين.


پوءِ تون ڪپڙا کڻي هارون کي پهراڻ، ۽ ايفود وارو جبو، ۽ ايفود، ۽ سينہ بند ڍڪائج، ۽ ايفود وارو ڪاريگري سان ٺهيل ڪمربند، هن جي چيلهہ سان ٻڌج؛


۽ انهي جي مٿان جيڪو ڪمربند هجي، تنهن تي بہ انهي جهڙو ڪم ڪيل هجي، ۽ ساڳئي ٽڪر مان هجي، يعني آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان، اُستاد ڪاريگر جو ٺهيل هجي.


آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جو ڪپڙو، سڻي ۽ ڏاس؛


۽ هنن انهي کي ڳنڍڻ لاءِ پٽيون بہ جوڙيون، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون.


۽ هنن سليماني پهڻ گهڙي، سون جي خانن ۾ جڙيا؛ ۽ انهن تي اسرائيل جي پٽن جا نالا سلسلي وار اُڪريل هئا، جيئن منڊي اُڪربي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ