4 ۽ هنن انهي کي ڳنڍڻ لاءِ پٽيون بہ جوڙيون، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون.
4 مذهبي فراڪ کي ڳنڍڻ لاءِ هنن ٻہ پٽيون بہ ٺاهيون، جيڪي انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون.
۽ انهن ڪڙيدار زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻن خانن ۾ وجهج، ۽ ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي انهي جي اڳ واري پاسي رکج.
۽ انهي کي ڪلهن وٽ ٻہ پٽيون هجن، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هجن، تہ اهو سڄو ئي يڪو ٿي پوي.
۽ هنن سون کي ڪُٽي سنها پترا ڪري، انهن کي وڍي، منجهانئن سنهيون تارون جوڙيون، انهي لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻن.
۽ انهي جي مٿان ٻڌڻ لاءِ ڪاريگريءَ سان اُڻيل ڪمربند هو، جو چوگرد ڦري ٿي آيو؛ اهو ساڳئي ٽڪر مان هو، ۽ مٿس انهي جهڙو ڪم ٿيل هو، يعني اهو، سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.