Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:9 - Sindhi Bible

9 ۽ هن اڱڻ بہ جوڙيو؛ انهي جا پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا؛ ڏاکڻي پاسي ڏکڻ ڏانهن پردن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ هن سنهي وٽيل سڻيءَ جي پردن سان اڱڻ جي قنات بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ اتر توڙي ڏکڻ واري پاسي کان چوئيتاليهہ ميٽر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اندريون ايوان ڇليل پٿرن جي ٽن قطارن سان، ۽ ديودار جي ڪامن جي هڪڙي قطار سان جوڙايو.


شڪر گذاري ڪندا هن جي دروازن ۾، ۽ تعريف ڪندا سندس درگاهہ ۾ داخل ٿيو: هن جا ٿورا مڃيو، ۽ سندس نالي کي مبارڪ چئو.


ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.


منهنجي جان خداوند جي درگاهہ لاءِ ڏاڍي پيئي سڪي، هائو، هن لاءِ بيحال آهي؛ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي زندہ خدا کي پيا پڪارين.


هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.


جيڪي خداوند جي گهر ۾ لڳايا ويا آهن، سي اسان جي خدا جي ايوان ۾ وڌندا ويجهندا.


وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.


انهن جا ويهہ ٿنڀ هئا، جن جي لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هئا؛ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا.


۽ هن عبادت جي خيمي ۽ قربانگاهہ جي آس پاس، اڱڻ کڙو ڪيو، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏيائين. انهيءَ طرح موسيٰ سمورو ڪم پورو ڪيو.


۽ تون چوڌاري اڱڻ بيهارج، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏج.


۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جا پردا، جيڪي خيمي ۽ قربانگاهہ جي ويجها آهن، ۽ اڱڻ جي در جو پردو، ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهي ۾ ڪم ٿا اچن.


۽ خيمي ۽ قربانگاهہ جي آس پاس واري اڱڻ جا پردا، ۽ اڱڻ جي دروازي جو پردو، ۽ انهن جا رسا، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ سامان کڻن؛ ۽ ٻيو جيڪو ڪم انهن شين سان ڪيو وڃي، سو سڀ اهي ئي ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ