Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 38:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هن سوختني قربانيءَ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي، ۽ انهيءَ جي اوچائي ٽي هٿ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 بصل‌ايل ساڙڻ وارين قربانين جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ مان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر، ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ميٽر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 38:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پتل جو اُهو قربانگاهہ جو بضلي ايل بن اوري بن حور ٺاهيو هو، سو خداوند جي تنبوءَ جي اڳيان اتي هو؛ ۽ سليمان انهيءَ جماعت سميت اتي ويو.


انهيءَ کانسواءِ هن پتل جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي ويڪر بہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي.


گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ۽ مل ار مڇيءَ جون کلون ۽ ٻٻر جون ڪاٺيون؛


وري خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ حوض ۽ انهي جي صندلي،


۽ هن انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ جوڙيا؛ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا، ۽ هن انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهيو.


۽ هن جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در وٽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکي، ۽ انهيءَ تي سوختني قرباني چاڙهيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ تون جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در جي اڳيان، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکج.


جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


اسان جي هڪڙي اهڙي قربانگاهہ آهي، جنهن مان خيمي جي خدمت ڪرڻ وارن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


۽ اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ اُنهي جي ڊيگهہ ۽ ويڪر هڪ جهڙي هئي: ۽ هن انهي لٺ سان شهر کي ماپيو تہ ساڍا ست سؤ ڪوهہ ٿيو: هن جي ڊيگهہ، ويڪر ۽ بلندي هڪ جيتري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ