Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:8 - Sindhi Bible

8 جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جنهن راهہ تي هلڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن. هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو ٺاهي انهيءَ کي سجدو ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ قربانيون ڪيون آهن. ان سان گڏوگڏ هنن چيو آهي تہ ’اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري بادشاهہ صلاح ڪري سون جا ٻہ گابا جوڙيا؛ ۽ ماڻهن کي چيائين تہ يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گهڻي تڪليف ٿيندي؛ اي اسرائيليو، اِجهو پنهنجا معبود ڏسو، جن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.


هائو، جڏهن هنن پنهنجي لاءِ پلٽيل گابو جوڙيو، ۽ چوڻ لڳا تہ اهو اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ وڏا ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون؛


انهن حورب ۾ هڪڙو گابو جوڙيو، ۽ پلٽيل مورت کي سجدو ڪيائون.


پر اُنهن پنهنجي وات سان هن جي خوشامد ڪئي، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهايائون.


اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو.


جيڪو هڪڙي خدا کان سواءِ ٻئي جي لاءِ قرباني ڪري، سو اصل تباهہ ڪيو وڃي.


۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو!


ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛


جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس.


۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو.


انهن ڀوتن جي لاءِ قربانيون چاڙهيون، نہ خدا لاءِ؛ ۽ اهڙن معبودن جي لاءِ جن جا هو واقف نہ هئا، يعني نوَن نوَن معبودن جي لاءِ، جن کان سندن ابا ڏاڏا نہ ڊڄندا هئا.


۽ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، جلد هتان هيٺ لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛ جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت جوڙي آهي.


۽ مون ڏٺو، تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو؛ اوهان پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت جوڙي هئي: ۽ جنهن رستي جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو هو تنهن کان جلد ڦري ويا هئا.


پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ


انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا.


۽ جدعون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي هڪڙو سوال ٿو ڪريان تہ اوهان مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي لٽ جي مال مان مون کي پنڙا ڏئي (ڇالاءِ جو انهن کي سونا پنڙا پيل هئا، جو هو اسماعيلي هئا).


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ