Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃ، ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جهڙا ڪ سندس پيءُ عزياہ جا سڀ ڪم هئا: انهيءَ هوندي بہ هو خداوند جي هيڪل ۾ نہ گهڙيو. ۽ سڀ ماڻهو اڃا بہ بڇڙا ڪم پيا ڪندا هئا.


پر اُنهن پنهنجي وات سان هن جي خوشامد ڪئي، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهايائون.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ؛ پر ڪاهن ۽ ٻيا ماڻهو حدون ڀڃي خداوند وٽ مٿي نہ اچن، متان هو مٿن ڪڙڪي پوي.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ کي جبل تان لهڻ ۾ دير ٿي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جي اسان جي رهبري ڪن: ڇالاءِ تہ هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، تنهن بابت اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيس.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو!


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، سي هتان روانا ٿي انهي ملڪ ڏانهن وڃو، جنهن بابت مون ابرهام، اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو تہ اهو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن.


ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.


هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اوهين پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا، ۽ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن کان ڦري ويندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ اوهان تي ڏک ايندا؛ ڇالاءِ جو اوهين اهي ڪم ڪندا جي خداوند جي نظر ۾ خراب آهن، ۽ اوهين پنهنجن هٿن جي ڪمن سان هن کي غصو ڏياريندا.


هنن ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، اهي سندس ٻار نہ آهن، اهو سندن عيب آهي؛ هوءَ گمراهہ ۽ ڏنگي قوم آهي.


تہ متان اوهين پاڻ کي خراب ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد يا زال جي صورت جي نموني جهڙي ڪا اُڪريل مورت جوڙيو،


۽ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، جلد هتان هيٺ لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛ جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت جوڙي آهي.


حورب ۾ بہ اوهان خداوند کي ڪاوڙايو، ۽ خداوند ناراض ٿي اوهان کي برباد ڪري ها.


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن اُهو قاضي مري ويو تڏهن، وري هو ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪرڻ لڳا، جو ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت ڪرڻ، ۽ انهن کي سجدو ڏيڻ لڳا؛ پنهنجن انهن ڪمن کان، توڙي پنهنجي خراب رستي کان باز نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ