Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن هارون هي حال ڏٺو، تڏهن انهي جي اڳيان هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين، ۽ هارون پڙهو گهمايو تہ سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هارون جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن انهيءَ جي اڳيان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائين. پوءِ هارون پڙهو گھمرايو تہ ”سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُنهن خطن ۾ هن هيئن لکيو تہ روزي رکڻ جو اشتهار ڪريو، ۽ نبوت کي ماڻهن منجهہ مٿي ويهاريو:


۽ ياهو چيو تہ بعل جي لاءِ جماعت کي عيد لاءِ پاڪ ڪريو. ۽ هنن انهيءَ جي پڌرائي ڪرائي.


۽ اورياہ ڪاهن هڪڙي قربانگاهہ جوڙائي. جيڪو نمونو آخز بادشاهہ دمشق مان موڪليو هوس، اُن موجب اورياہ ڪاهن اها جوڙائي، جيسين ڪ آخز دمشق مان موٽي اُتي آيو.


تنهنڪري هنن اهو حڪم جاري ڪيو تہ ساري اسرائيل ۾، بيرسبع کان وٺي دان تائين، اشتهار ڪجي تہ سڀ ماڻهو خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ اچن: ڇالاءِ جو هنن تمام گهڻن ماڻهن سان گڏجي اهڙي طرح عيد نہ ڪئي هئي، جيئن ڪ لکيل آهي.


تڏهن موسيٰ چيو تہ اسين پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجن ڍورن ۽ ڌڻن سوڌا وينداسين، ڇالاءِ جو اسين ضرور خداوند جي لاءِ عيد ڪنداسين.


۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو.


اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.


۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو!


۽ ٻئي ڏينهن، اُهي صبح جو سوير اُٿيا، ۽ سوختنيون قربانيون چاڙهيائون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون؛ پوءِ ماڻهو ويهي کائڻ پيئڻ، ۽ اُٿي رانديون ڪرڻ لڳا.


ڇالاءِ جو افرائيم گناهہ لاءِ قربانگاهہ وڌايا آهن، قربانگاهہ هنن جي لاءِ گناهہ جو سبب ٿيا آهن.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جن جي لاءِ اوهين پاڪ جماعتن جي گڏ ٿيڻ جي پڌرائي ڪندا، سي منهنجون مقرر ڪيل عيدون هي آهن.


۽ اوهين انهي ساڳئي ڏينهن پڌرائي ڪرائجو، تہ اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.


اِهي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، جن جي لاءِ اوهين پڌرائي ڪجو، تہ پاڪ جماعتون گڏ ٿين، انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو، يعني سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، هڪڙي قرباني، ۽ پيئڻ جون قربانيون؛ هر ڪا پنهنجي پنهنجي مقرر ڏينهن تي پيش ڪجو:


هي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، يعني پاڪ جماعتون، جن جي اوهين ٺهرايل وقت تي پڌرائي ڪجو.


تنهنڪري اچو تہ عيد ڪريون، نہ پراڻي خمير سان، نڪي برائيءَ ۽ شرارت جي خمير سان، پر صاف دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي خميري مانيءَ سان.


۽ سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي: اها پهرئين قربانگاهہ هئي جا هن خداوند جي لاءِ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ