Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:3 - Sindhi Bible

3 تنهن تي سڀيئي ماڻهو پنهنجون سون جون واليون، جيڪي سندن ڪنن ۾ هيون، سي ڀڃي هارون وٽ کڻي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي سڀيئي ماڻهو انهن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي، اُهي هارون وٽ کڻي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا،


سو هنن وٽ جيڪي معبود هئا، ۽ سندن ڪنن ۾ جيڪي مندرا هئا، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون، ۽ يعقوب اهي سڀيئي، انهيءَ بلوط جي وڻ هيٺ لڪائي ڇڏيا، جيڪو سڪم وٽ بيٺل هو.


تڏهن هارون کين چيو تہ جيڪي سون جون واليون اوهانجن پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن ۾ آهن، سي ڀڃي مون وٽ کڻي اچو.


۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو!


سو بني اسرائيل حريب جبل وٽ پنهنجا زيور لاهي ڇڏيا.


جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا.


ڪٽيل چانديءَ جا تڙڇ جي ترسيس مان آندل آهن، ۽ سون اوفاز مان، اهو ڪاريگر جو، ۽ سوناري جي هٿن جو ڪم آهي؛ انهن جا ڪپڙا نيرا ۽ واڱڻائي آهن، اهو سڀ هنر وارن ماڻهن جو ڪم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ