Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن هارون کين چيو تہ جيڪي سون جون واليون اوهانجن پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن ۾ آهن، سي ڀڃي مون وٽ کڻي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن هارون کين چيو تہ ”پنهنجي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي مون وٽ کڻي اچو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا،


۽ مون هن کان پڇيو تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ هن چيو تہ آءٌ نحور جي پٽ بيتوايل جي ڌيءَ آهيان، جو سندس زال ملڪاہ مان ڄائو هو: پوءِ مون هن جي نڪ ۾ نٿ ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ پارايا.


اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو.


تنهن تي سڀيئي ماڻهو پنهنجون سون جون واليون، جيڪي سندن ڪنن ۾ هيون، سي ڀڃي هارون وٽ کڻي آيا.


۽ انهن مان جيترن مردن توڙي زالن جي دلين ۾ اهڙي خواهش پيدا ٿي، سي سڀ ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ، ۽ سڀ سونا زيور کڻي آيا؛ مطلب تہ جن ماڻهن نذرانو ڏنو تن خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو ڏنو.


جيئن سونو در ۽ خالص سون جا زيور، تيئن مڃيندڙ ڪن جي لاءِ ڏاهو نصيحت ڪندڙ.


۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.


تو منهنجي ڏنل سون ۽ روپي مان پنهنجا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ ماڻهن جا بُت جوڙيا ۽ انهن سان زنا ڪئي.


ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ