Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 32:16 - Sindhi Bible

16 اهي تختيون خدا جون جوڙيل هيون، ۽ جيڪي مٿن لکيل هو سو خدا جو لکيل هو، ۽ تختين تي اُڪريل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ٻئي تختيون خدا جون ٺاهيل هيون. انهن تي جيڪي حڪم لکيل هئا سي بہ خدا جا ئي لکيل هئا ۽ اهي تختين تي اُڪريل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 32:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي اُهي لوهہ جي قلم ۽ شيشي سان هميشہ لاءِ ٽڪر تي اُڪريون وڃن تہ چڱو!


جڏهن هو سينا جبل تي موسيٰ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيو، تڏهن هن کي شاهديءَ جون ٻہ تختيون، يعني خدا جي آڱر سان لکيل ٻہ پهڻ جون تختيون ڏنائين.


پوءِ موسيٰ موٽي جبل تان هيٺ لٿو، ۽ شاهديءَ جون ٻئي تختيون سندس هٿ ۾ هيون، اهي تختيون ٻنهي پاسي لکيل هيون؛ انهن جو هڪڙو پاسو بہ لکيل هو ۽ ٻيو پاسو بہ.


۽ ماڻهن جيڪي رڙيون پئي ڪيون، سي جڏهن يشوع ٻڌيون، تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ منزلگاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙي تيار ڪر؛ ۽ آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو،


تڏهن هن اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙيون، ۽ موسيٰ صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيئن خداوند فرمايو هوس، تيئن اهي پهڻ جون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تي چڙهي ويو.


۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.


پر جيڪڏهن موت جي خدمت، جنهن جو عهد پهڻن تي اُڪريل هو، سا اهڙي جلال واري ٿي جو جيڪو جلال موسيٰ جي چهري تي هو ۽ جيتوڻيڪ اهو جلال فاني هو تہ بہ بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نٿي سگهيا،


انهي وقت خداوند مون کي چيو، تون اڳين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙ، ۽ مون وٽ جبل تي چڙهي اچ، ۽ ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙ.


پوءِ آءٌ موٽي جبل تان هيٺ لٿس، ۽ جبل باهہ سان پئي ٻريو: ۽ عهد جون ٻئي تختيون منهنجن ٻنهي هٿن ۾ هيون.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ