Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 3:20 - Sindhi Bible

20 پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي عجيب ڪم ڪندس، تن سان انهيءَ کي ماريندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 3:20
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن قوم جي هو غلامي ڪندا تنهن کي بہ آءٌ سزا ڏيندس، ۽ پوءِ هو گهڻي مال متاع سان اُتان نڪرندا.


۽ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، ۽ سندس ملڪ جي سڀني ماڻهن تي تو نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا؛ ڇالاءِ جو توکي خبر هئي تہ هو انهن سان مغروريءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


انهن اتي جي ماڻهن ۾، يعني حام جي ملڪ ۾ هن جا نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا.


جڏهن اهي هليا ويا تڏهن مصر جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا؛ ڇو تہ انهن جي ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا هئا.


۽ حام جي ملڪ ۾ عجيب ڪم ڪيائين ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ هيبتناڪ ڪم ڏيکاريائين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙي آفت آءٌ فرعون تي ۽ مصر تي آڻيندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، ۽ جڏهن هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، تڏهن پڪ آهي تہ هو اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو.


۽ جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هئائون، تنهن مان بي خمير مانيون پچايائون؛ ڇالاءِ جو اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو، ڇو تہ هو مصر مان هڪاليا ويا هئا ۽ ترسي نہ سگهيا، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو سمر تيار ڪري سگهيا.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.


۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


ڇالاءِ جو هيستائين جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري توکي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماريان ها، تہ تون زمين تان ميٽجي وڃين ها.


۽ خداوند مصر کي ماريندو، ماريندو بہ ۽ ڇڏائيندو بہ؛ ۽ هو خداوند ڏي موٽندا، ۽ ان کي منٿون آزيون ڪندا، ۽ هو انهن کي شفا ڏيندو.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ يقيناً زور واري هٿ سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ جاري ڪيل غضب سان اوهان تي بادشاهہ ٿيندس:


جيئن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ جي وقت ائين وري آءٌ هن کي عجيب غريب شيون ڏيکاريندس.


اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.


يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟


۽ خداوند اسان جي سامهون مصر تي، ۽ فرعون تي، ۽ هن جي سڄي خاندان تي، وڏا وڏا ۽ ڏکوئيندڙ ڪم، ۽ نشان ڪري ڏيکاريا:


تڏهن خداوند بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو: ۽ انهيءَ هنن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي مصر مان آندو، ۽ ٻانهپ جي گهر مان اوهان کي ڪڍي آيس؛


۽ هن شهر جي بزرگن کي گرفتار ڪيو، ۽ بيابان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا بہ کنيائين، ۽ انهن سان سڪات جي ماڻهن کي سيکت ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ