Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 3:18 - Sindhi Bible

18 ۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا. پوءِ تون ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو. کيس چئجو تہ ’خداوند، عبرانين جي خدا، اسان کي ڏيکاري ڏني آهي. سو هاڻي توهان اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏيو، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قربانيون ڪريون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 3:18
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي خداوند ابرام کي چيو تہ تون پنهنجي ملڪ مان ۽ پنهنجن مائٽن مان ۽ پنهنجي پيءُ جي گهر مان نڪري، انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جو آءٌ توکي ڏيکاريندس:


تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.


هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ.


۽ يعقوب يوسف کي چيو تہ خدا قادر مطلق ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني،


يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي، اسرائيل جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي لٺ، جا تو درياهہ تي هنئي هئي، سا بہ پاڻ سان کڻي وڃ.


جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا.


۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي اسرائيل جي بزرگن کي گڏ ڪري کين چئُہ تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي ڏيکاري ڏيئي چيو آهي، تہ سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي، ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم؛


۽ تون انهي مان ڪجهہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج، انهي جو ڪجهہ حصو جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ واري صندوق جي سامهون رکج، ۽ اتي آءٌ توکي گڏبس؛ اهو اوهان جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندو.


۽ تون اها، انهي پردي جي اڳيان رکج جيڪو شاهديءَ جي صندوق وٽ آهي، يعني اها، رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو شاهديءَ جي صندوق جي مٿان آهي؛ ۽ اتي آءٌ توکي گڏبس.


تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي.


سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.


۽ هيئن ٿيو تہ رستي ۾ منزل تي خداوند هن کي گڏيو، ۽ کيس مارڻ گهريائين.


تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.


تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.


تڏهن هنن چيو تہ عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي؛ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ، تہ ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي، خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون، متان هو وبا يا ترار سان اسان تي اچي پوي.


۽ تون هن کي چئج تہ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ چيو اٿس تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن، ۽ ڏس، هيستائين تو منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


۽ آءٌ پنهنجي اُمت ۽ تنهنجي اُمت جي وچ ۾ تفاوت رکندس: سڀاڻي اُها نشاني ظاهر ٿيندي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃي، هن کي چئُہ تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ، ۽ چوينس تہ خداوند، عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ، منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


انهن نہ چيو تہ اهو خداوند ڪٿي آهي جنهن اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ جنهن بيابان مان، رڻ پٽن ۽ کڏن جي ملڪ مان، خشڪيءَ ۽ موت جي پاڇي جي ملڪ مان، اهڙي زمين جنهن مان ڪوبہ ڪونہ ٿي لنگهيو ۽ جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو، تنهن مان اسان کي سونهون ٿي وٺي هليو.


۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛


۽ تون اهي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان، جتي آءٌ توسان گڏبو آهيان، اُتي آڻي رک.


جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ