Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 3:10 - Sindhi Bible

10 تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ توکي فرعون ڏانهن موڪليان تہ تون منهنجي اُمت بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي فرعون ڏانهن موڪليان تہ جيئن تون منهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 3:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.


جنهن قوم جي هو غلامي ڪندا تنهن کي بہ آءٌ سزا ڏيندس، ۽ پوءِ هو گهڻي مال متاع سان اُتان نڪرندا.


هن پنهنجي بندي موسيٰ ۽ پنهنجي چونڊيل هارون کي موڪليو.


تو پنهنجي اُمت جي ڌڻ وانگي موسيٰ ۽ هارون جي معرفت رهبري ڪئي.


هاڻي بني اسرائيل مصر ۾ چار سؤ ٽيهہ ورهيہ رهيا هئا.


۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


۽ موسيٰ خداوند کي چيو تہ ڏس، تون مون کي چوين ٿو تہ هنن ماڻهن کي وٺي وڃ: پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ تون ڪنهن کي مون سان گڏ موڪليندين. انهي هوندي بہ تو فرمايو آهي تہ آءٌ توکي نالي سان سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.


تنهنڪري، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ جي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ مون کي خبر پوي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي: ۽ هن قوم کي پنهنجي اُمت ڪري سمجهہ.


هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ بني اسرائيل کي سندن لشڪر موجب، مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.


هڪڙي نبيءَ جي وسيلي خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ هڪڙي نبيءَ جي وسيلي هو بچايو ويو.


ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.


تحقيق جيڪا منهنجي اُمت مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت ڏٺي اٿم، ۽ سنديس آهہ ٻُڌي اٿم، ۽ کيس ڇڏائڻ لاءِ لهي آيو آهيان: ۽ هاڻي اچ، آئون توکي مصر ۾ موڪليندس.


اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.


۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ تنهنجو نسل هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي رهندو؛ جتي هن کي چار سؤ ورهيہ غلاميءَ ۾ رکندا، ۽ ساڻن بري هلت ڪندا.


۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ جنهن قوم جي غلامي ۾ هو هوندا، تنهن کي آئون سزا ڏيندس: تنهن کانپوءِ هو اُتان نڪري اچي هن هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.


تڏهن خداوند هن تي نگاهہ ڪئي، ۽ چيائينس تہ انهيءَ پنهنجي زور ۾ وڃي اسرائيل کي مديانين جي هٿن مان ڇڏاءِ: مون توکي نہ موڪليو آهي ڇا؟


۽ سموئيل ماڻهن کي چيو، تہ اهو خداوند آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين.


جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ