Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 27:3 - Sindhi Bible

3 ۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 27:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حيرام چلمچيون، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ جوڙيا. انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ سليمان جي لاءِ جيڪو ڪم ڪرڻو هو سو سڀ هن ڪري پورو ڪيو.


۽ باسڻ، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ: يعني اهي سڀ باسڻ جي حيرام سليمان بادشاهہ جي لاءِ خداوند جي گهر ۾ جوڙيا، سي چمڪندڙ پتل جا هئا.


۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.


۽ ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ چمچا، ۽ ٻيا سڀ پتل جا باسڻ، جن سان هو خدمت ڪندا هئا، سي هو کڻي ويا.


۽ مُنڊيون، ۽ ٿالهيون؛ ۽ جيڪي شيون سون جون هيون تن جو سون، ۽ جيڪي شيون چانديءَ جون هيون تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.


۽ گوشت جي ڪنڍن ۽ ڪٽورين ۽ پيالن لاءِ نج سون ڏنو: ۽ سونهري ڪٽورن لاءِ هڪ هڪ ڪٽوري لاءِ تور ڏني، ۽ چانديءَ جي پيالن لاءِ هڪ هڪ پيالي لاءِ تور ڏني:


۽ حورام ديڳيون، ۽ چمچا، ۽ ٿالهيون جوڙيون. انهيءَ طرح حورام خدا جي گهر ۾، سليمان بادشاهہ جي لاءِ جيڪو ڪم ٿيڻو هو، سو ڪري پورو ڪيو.


ديڳيون، ۽ چمچا ۽ گوشت جا ڪنڍا، ۽ انهيءَ جا سڀ باسڻ، ان جي پيءُ حورام، خداوند جي گهر لاءِ سليمان بادشاهہ واسطي چمڪندڙ پتل جا جوڙيا.


۽ موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو، ۽ ٻيو اڌ قربانگاهہ تي ڇاٽاريو


خيمي جا سڀ ٿانو سڀني ڪمن لاءِ، انهن جون ڪليون، ۽ اڱڻ جون سڀ ڪليون، پتل جون هجن.


۽ تون انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺاهج، انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن: ۽ تون انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهج.


تون انهيءَ جي لاءِ هڪڙو پتل جو ڄاريدار آتشدان جوڙج، ۽ ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڇلا جوڙج.


۽ هن قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، يعني رک کڻڻ جا ٿانو، ڪوڏاريون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙيا: اهي سڀ ٿانو هن پتل جا جوڙيا.


پوءِ هو هڪڙو لوبان دان کڻي، انهي کي خداوند جي اڳيان قربانگاهہ تان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري، ۽ خوشبودار لوبان ڪُٽي سنهو ڪري، ۽ انهي سان پنهنجون مٺيون ڀري پردي جي اندر آڻي:


۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ