Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 27:2 - Sindhi Bible

2 ۽ تون انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺاهج، انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن: ۽ تون انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺهرائج. قربان‌گاهہ ۽ سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن. تون انهن تي پتل جا پٽ چاڙهائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 27:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ادونياہ کي سليمان جو ڊپ ٿيو؛ ۽ هن اُٿي وڃي قربانگاهہ جي سڱن کي جهليو.


۽ اها خبر يوآب کي پهتي: جيتوڻيڪ يوآب ابي سلوم جي پٺيان نہ ويو، پر ادونياہ جي پٺيان لڳي ويو هو. ۽ يوآب خداوند جي تنبوءَ ۾ ڀڄي ويو، ۽ وڃي قربانگاهہ جا سڱ جهلي بيٺو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو تنهن جو وچ بادشاهہ پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ هنڌ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني چاڙهي، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي: ڇالاءِ جو پتل جي قربانگاهہ، جا خداوند جي اڳيان هئي، سا سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي رکڻ لاءِ تمام ننڍي هئي.


۽ جيڪا پتل جي قربانگاهہ خداوند جي اڳيان هئي، سا گهر جي اڳ تان، پنهنجي قربانگاهہ ۽ خداوند جي گهر جي وچان ڪڍي آڻي پنهنجي قربانگاهہ جي اُتر پاسي رکيائين.


انهيءَ کانسواءِ هن پتل جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي ويڪر بہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي.


خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان.


۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.


۽ تون وهڙي جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربانگاهہ جي سڱن تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ جي هيٺيان هاري ڇڏج.


انهي مان هن جماعت واري تنبوءَ جي در جا کوپا، ۽ پتل جي قربانگاهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جو آتشدان، ۽ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو جوڙيا:


۽ مٿين قربانگاهہ چار هٿ ٿيندي؛ ۽ قربانگاهہ جي چلهي کان مٿي چار سڱ ٿيندا.


پوءِ هو ٻاهر نڪري، خداوند جي حضور ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، اتي اچي، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ وهڙي جي رت مان، ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجهہ کڻي، قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳائي.


۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


پوءِ هن انهي وهڙي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ پنهنجيءَ آڱر سان رت کڻي قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳايو، ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪيائين؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ تي اوتيائين، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪيائين، تہ انهيءَ جو ڪفارو ڏنو وڃي.


لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.


۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي.


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ