Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 27:16 - Sindhi Bible

16 ۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ ويهہ هٿ ڊگهو هڪڙو پردو ٿيندو، جو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم سان ٿيندو: انهي جي لاءِ چار ٿنڀ ۽ انهن جا چار کوپا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اڱڻ جي در لاءِ هڪڙو نوَ ميٽر ڊگھو پردو هجي، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي ۽ جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي. انهيءَ جي لاءِ چار ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا چار پاوا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 27:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي ڀرت واري پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ وٽ آڻيندا: ۽ هن جون ڪنواريون سهيليون جي سندس پٺيان پٺيان ٿيون هلن تن کي تو وٽ وٺي ايندا.


۽ تون آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو جوڙج، جنهن ۾ استاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.


۽ تون خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو، زردوزيءَ جي ڪم سان ٺاهج.


۽ ٻئي پاسي لاءِ بہ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن، انهن جي لاءِ بہ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن.


۽ اڱڻ جي ٿنڀن ۾ چوڌاري چانديءَ جا بند هجن، جن جا ڪنڍا چانديءَ جا، ۽ کوپا پتل جا هجن.


۽ تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم وارو هڪڙو ڪمربند جوڙج.


۽ هن تنبوءَ جي در جي لاءِ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو، زردوزيءَ جي ڪم سان هڪڙو پردو جوڙيو؛


۽ هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ زردوزيءَ جي ڪم جو هڪڙو ڪمربند جوڙيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جا پردا، جيڪي خيمي ۽ قربانگاهہ جي ويجها آهن، ۽ اڱڻ جي در جو پردو، ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهي ۾ ڪم ٿا اچن.


تہ هنن کي لٽ جو مال ڪونہ مليو ڇا ۽ هنن اُهو نہ ورهايو آهي ڇا؟ هرهڪ مرد کي هڪڙي ڇوڪري، بلڪ ٻہ ڇوڪريون؛ سيسرا کي جدا جدا رنگن واريون لٽ جون شيون، ۽ رنگين ڀرت وارا ڪپڙا، ۽ جدا جدا رنگ جي ڪپڙن جو لٽ جو مال، ۽ ٻنهي پاسن رنگارنگي ڀرت جو مال قيدين جي ڳچين تي ڀريل نہ مليو آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ