Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 27:1 - Sindhi Bible

1 ۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙج، اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ، ۽ ويڪر پنج هٿ هجي، ۽ اوچائي ٽي هٿ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربان‌گاهہ ٺهرائج. اها قربان‌گاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر ۽ ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر هجي، انهيءَ جي اوچائي سوا ميٽر هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 27:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.


۽ جيڪا پتل جي قربانگاهہ خداوند جي اڳيان هئي، سا گهر جي اڳ تان، پنهنجي قربانگاهہ ۽ خداوند جي گهر جي وچان ڪڍي آڻي پنهنجي قربانگاهہ جي اُتر پاسي رکيائين.


پر هارون ۽ سندس پٽ، سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي، توڙي لوبان واري قربانگاهہ تي، تمام پاڪ جاءِ جي لاءِ سڀ خدمت بجا آڻيندا هئا، ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا، تن موجب اسرائيل جي پاران ڪفارو ڏيندا هئا.


انهيءَ کانسواءِ هن پتل جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي ويڪر بہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي.


تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين.


۽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ حوض ۽ انهي جي صندلي،


سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ، ۽ پتل جو آتشدان، ۽ انهيءَ جا سڀ ڏنڊا ۽ ٿانو، حوض ۽ انهي جي صندلي؛


پتل جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو؛ حوض ۽ انهي جي صندلي؛


۽ تون سوختني قربانيءَ واريءَ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪج: پوءِ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي.


۽ هن جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در وٽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکي، ۽ انهيءَ تي سوختني قرباني چاڙهيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ تون جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در جي اڳيان، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکج.


۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي.


۽ قربانگاهہ مان رک ڪڍي، مٿس آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.


۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.


اسان جي هڪڙي اهڙي قربانگاهہ آهي، جنهن مان خيمي جي خدمت ڪرڻ وارن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ