۽ جن وٽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو هو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس، ۽ گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ۽ مل ار مڇيءَ جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا.
۽ خداوند صيون جبل جي سڀ ڪنهن مڪان تي، ۽ ان جي جماعتن تي، ڏينهن جو ڪڪر ۽ دونهون، ۽ رات جو شعلي وانگر باهہ جو سوجهرو پيدا ڪندو: ڇالاءِ جو انهيءَ ساري جلال تي هڪڙي ڇٽي پکيڙي ويندي.
۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، عبادت جو خيمو، ۽ انهي جي مٿان جيڪو تنبو آهي سو، ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو، اهي بني جيرسون جي پٽن جي نگهبانيءَ هيٺ رهن؛
ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“