34 ۽ تون رحمت جو پوش پاڪ ترين جاءِ ۾ شاهديءَ جي صندوق جي مٿان رکج.
34 تون رحمت جو پوش مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان رکائج.
۽ گهر جي پٺئين پاسي، فرش کان وٺي ڀتين تائين هن ويهہ هٿ ديودار جي تختن سان اڏايا: بلڪ انهيءَ جي اندران بہ الهامگاهہ لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، هن اُهي اڏايا.
۽ تون اُهو رحمت جو پوش صندوق جي مٿان رکج، ۽ جيڪو عهدنامو آءٌ توکي ڏيان، سو انهيءَ صندوق ۾ رکج.
۽ هن شاهديءَ جون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون، ۽ ڏنڊا صندوق مان لنگهايائين، ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين؛
۽ هن انهي جي ڊيگهہ هيڪل جي اڳيان ماپي تہ ويهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر بہ ويهہ هٿ ٿي: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ تمام پاڪ جاءِ آهي.
۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.
۽ اُنهي جي مٿان جلال جا ڪروبي هئا، جي ڪفارہ گاهہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو اسين هاڻي تفصيلوار بيان ڪري نٿا سگهون.