30 جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تنهن موجب تون خيمو کڙو ڪري بيهارج.
30 خيمي کي تون انهيءَ نموني موجب کڙو ڪرائي بيهارج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو هو.
۽ دائود چيو تہ اهي سڀيئي ڳالهيون، يعني انهيءَ نموني جو ڪم خداوند جي هٿان لکت جي وسيلي مون کي سمجهايو ويو.
۽ ڏسج تہ جيڪي نمونا هن جبل تي توکي ڏيکاريا ويا آهن تن جهڙا تون اهي جوڙين.
انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.
۽ تون انهن تختن تي سون جو پٽ چاڙهج، ۽ گزن جي جاين لاءِ سون جا ڇلا جوڙج، ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهج.
تون اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر جوڙج؛ جهڙيءَ طرح توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تهڙيءَ طرح تون اها جوڙج.
تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.
پوءِ بني قهات پاڪ مڪان وارو سامان کڻي اڳتي روانا ٿيا، ۽ ٻين انهن جي پهچڻ تائين خيمو کڙو ڪري ٿي ڇڏيو.
۽ شمعدان جي بناوٽ هن طرح هئي: اهو گهڙيل سون مان ٺهيل هو؛ تري کان گلن تائين سڄو گهڙيل هو: جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو هن شمعدان جوڙيو.
اسان جي ابن ڏاڏن وٽ رڻ پٽ ۾ شاهديءَ جو تنبو هو، جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڪلام ڪرڻ واري حڪم ڏنو هو، تہ جيڪو نمونو تو ڏٺو آهي، تنهن جهڙو ٺاهہ.
تہ جنهن سچي خيمي کي ماڻهوءَ نہ، پر خداوند کوڙيو آهي، انهيءَ پاڪ جاءِ جو خادم ٿئي.
جي آسماني شين جي نقل ۽ پاڇي جي خدمت ٿا ڪن. جهڙي طرح ڪ جڏهن موسيٰ تنبو ٿي جوڙيو، تڏهن خدا هدايت ڪيس: ڇالاءِ جو هو فرمائي ٿو تہ ”ڏس، جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو هو، انهي موجب سڀ شيون جوڙج.“
تنهنڪري ضرور هو تہ آسمان جي شين جا نقل اهڙين رسمن جي وسيلي پاڪ ٿين؛ پر خود آسمان جون شيون انهن کان بهتر قربانين جي وسيلي.
۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.