Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 26:1 - Sindhi Bible

1 وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ”تون مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ٺهرائج، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهن تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 26:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.


۽ هن گهر جي چوڌاري سڀني ڀتين تي ڪروبين، ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اندران ٻاهران اُڪرائي ڇڏيون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، تڏهن دائود ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جوڙيل گهر ۾ ٿو رهان پر خدا جي عهدنامي جي صندوق پڙدن جي هيٺان ٿي رهي.


ڇالاءِ تہ خداوند جو تنبو ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، جي موسيٰ بيابان ۾ جوڙيا، سي انهيءَ وقت جبعون جي مٿانهينءَ جاءِ ۾ هئا.


۽ تون سون جا ٻہ ڪروبي جوڙج، اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا جوڙج.


آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جو ڪپڙو، سڻي ۽ ڏاس؛


۽ هو پنهنجي لاءِ هڪڙو پاڪ مڪان جوڙين، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان.


هرهڪ پردي جي ڊيگهہ اٺاويهہ هٿ ۽ ويڪر چار هٿ هجي، سڀيئي پردا هڪڙي ماپ جا هجن.


۽ تون آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو جوڙج، جنهن ۾ استاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.


۽ تون خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو، زردوزيءَ جي ڪم سان ٺاهج.


يعني جماعت وارو تنبو، ۽ شاهديءَ جي صندوق، ۽ انهيءَ تي جيڪو رحمت جو پوش آهي سو، ۽ تنبوءَ جو سامان،


يعني عبادت جو خيمو، ۽ انهي جو تنبو، انهي جو ڍڪ، انهي جا ڪنڍا، انهي جا تختا، انهي جا گز، انهي جا ٿنڀ ۽ انهي جا پايا؛


۽ هن کين دل جي دانائيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ هو هر ڪنهن قسم جي ڪاريگري جو ڪم ڪن، يعني اُڪرڻ واري جو، استاد ڪاريگر جو، زردوز جو، آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڀرت ڀرڻ واري جو، اُڻڻ واري جو، بلڪ انهن سڀني جو جيڪي ڪو ٻيو ڪاريگريءَ يا هوشياريءَ جو ڪم ٿا ڪن.


آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهو سڻيءَ جو ڪپڙو؛ ۽ ٻڪرين جي ڏاس؛


۽ هن آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو پردو جوڙيو، جنهن ۾ هوشياري سان ڪروبي بہ جوڙيائين.


۽ هنن سون کي ڪُٽي سنها پترا ڪري، انهن کي وڍي، منجهانئن سنهيون تارون جوڙيون، انهي لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻن.


تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.


۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، عبادت جو خيمو، ۽ انهي جي مٿان جيڪو تنبو آهي سو، ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو، اهي بني جيرسون جي پٽن جي نگهبانيءَ هيٺ رهن؛


تہ هو عبادت جي خيمي جا پردا، ۽ جماعت وارو تنبو ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ انهي جي مٿان جيڪو مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش آهي، سو ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو،


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


پر هن تہ پنهنجي بدن جي هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي.


تہ جنهن سچي خيمي کي ماڻهوءَ نہ، پر خداوند کوڙيو آهي، انهيءَ پاڪ جاءِ جو خادم ٿئي.


يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن.


اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،


۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن.


۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ