9 پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا.
9 پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.
۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.
تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ؛ پر ڪاهن ۽ ٻيا ماڻهو حدون ڀڃي خداوند وٽ مٿي نہ اچن، متان هو مٿن ڪڙڪي پوي.
پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.
۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.
پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگهندين؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.
جنهن سال ۾ عزياہ بادشاهہ وفات ڪئي انهي سال ۾ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي اُتانهين ۽ مٿي رکيل تخت تي ويٺو آهي، ۽ هن جي قبا جي دامن هيڪل کي ڀري ڇڏيو.
باقي بادشاهہ، سو خداوند جي اڳيان ماني کائڻ لاءِ بادشاهہ ٿي انهي ۾ ويهندو؛ هو در جي اڳئين ايوان مان اندر ايندو ۽ وري ساڳئي رستي ٻاهر ويندو.
۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون.
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.
پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي.