Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 24:4 - Sindhi Bible

4 پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 24:4
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


پوءِ يعقوب صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيڪو پهڻ مٿي هيٺان رکيو هئائين، سو کڻي اتي ٿنڀ وانگي کوڙي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ جي مٿان تيل اوتيائين.


۽ هي پهڻ، جو مون ٿنڀ وانگي کوڙيو آهي، سو خدا جو گهر ٿيندو: ۽ جيڪي تون مون کي ڏيندين، تنهن جو ڏهون حصو آءٌ ضرور توکي ڏيندس.


پوءِ يعقوب هڪڙو پهڻ کڻي ٿنڀ وانگي کوڙيو.


۽ اخياہ، جيڪا نئين پوشاڪ سندس بت تي هئي، تنهن کي جهلي ڦاڙي ٻارهن ٽڪر ڪيا.


پوءِ يعقوب، جنهن وٽ خدا جو ڪلام آيو تہ تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو، تنهن جي پٽن جي فرقن جي تعداد موجب ايلياہ ٻارهن پٿر کنيا.


۽ انهيءَ خدا جي گهر جي تصدق ڪرڻ لاءِ، هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گهٽا، ۽ چار سؤ گهيٽا قربان ڪيا؛ ۽ سڄي اسرائيل جي طرفان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، ٻارهن ٻڪر قرباني ڏنائون.


هاڻي جن مهر هنئي هئي سي هئا، نحمياہ بن حڪلياہ جو حاڪم هو، ۽ صدقياہ؛


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.


اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.


هاڻي جيڪي قانون تون انهن کي ٻڌائيندين سي هي آهن.


۽ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي، ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو، ۽ انهن چيو تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي، سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.


اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اهي ڳالهيون لکي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو انهن ڳالهين موجب مون تو سان، ۽ اسرائيل سان عهد ڪيو آهي.


انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو.


۽ تون ميدو کڻي، انهي مان ٻارنهن مانيون پچائج: هرهڪ مانيءَ ۾ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو هجي.


تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کانئن سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، يعني سندن سڀني سردارن کان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هڪ هڪ لٺ، يعني مڙيئي ٻارهن لٺيون وٺ، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.


تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن.


۽ موسيٰ هيءَ شريعت لکي بني لاويءَ کي، جي ڪاهن هئا، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏني.


۽ اهي ٻارهن پٿر جي هنن يردن مان ڪڍي آندا هئا، سي يشوع جلجال ۾ کوڙيا.


۽ يشوع انهن کي چيو تہ خداوند پنهنجي خدا جي صندوق جي اڳيان لنگهي يردن جي وچ ۾ وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو، بني اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، هڪڙو پٿر پنهنجن ڪلهن تي کڻي:


۽ انهي شهر جي ڀت جا ٻارهن بنياد هئا، ۽ انهن تي گهيٽي جي ٻارهن رسولن جا نالا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ