Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 24:3 - Sindhi Bible

3 پوءِ موسيٰ اچي خداوند جون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ماڻهن کي چئي ٻڌايا، ۽ سڀني ماڻهن متفق ٿي جواب ڏنو ۽ چيائون تہ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن سي سڀ اسين مڃينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن موسيٰ ماڻهن وٽ اچي کين خداوند جون سموريون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ٻڌايا. سڀني ماڻهن هم‌آواز ٿي جواب ڏنو تہ ”جيڪي بہ ڳالهيون خداوند فرمايون آهن، سي سڀ اسين مڃينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 24:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن وڏي آواز سان، ۽ رڙين ڪرڻ سان، ۽ قرنائن ۽ شرنائين سان، خداوند جي اڳيان قسم کنيو.


۽ انهيءَ قسم تي ساري يهوداہ خوشيون ڪيون: ڇالاءِ جو هنن پنهنجي سموري دل سان قسم کنيو هو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي سڄيءَ دل سان ڳوليائون؛ ۽ هنن انهي کي لڌو؛ ۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو.


تہ منهنجي پاڪ بندن کي مون وٽ گڏ ڪريو؛ جن قرباني ڪري مون سان عهد ڪيو آهي.


تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني ۽ چيائون تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين؛ ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند تائين پهچايو.


رڳو موسيٰ خداوند جي ويجهو اچي، پر هو ويجهو نہ اچن، نڪي ٻيا ماڻهو هن سان گڏجي مٿي اچن.


۽ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي، ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو، ۽ انهن چيو تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي، سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.


هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس:


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي آندو، انهي ڏينهن مون انهن سان عهد اقرار ڪري چيو، تہ


جيئن مصر مان نڪرڻ وقت مون اوهان سان عهد اقرار ڪيو، ۽ منهنجو روح اوهان سان رهيو: اوهين ڊپ نہ ڪريو.


اسان سڀني جو هڪڙو ئي ابو ناهي ڇا؟ هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي نہ خلقيو آهي ڇا؟ پوءِ ڇو سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي عهد اقرار جي بي ادبي ٿو ڪري؟


تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


يعني هي اهي شهادتون، اهي قانون، ۽ اهي فيصلا آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ،


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


تڏهن ماڻهن يشوع کي چيو، تہ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ اسين ضرور خداوند جي عبادت ڪنداسين.


۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مٿان انهيءَ ڳالهہ جا پاڻ شاهد آهيو، تہ اوهان پنهنجي لاءِ خداوند کي عبادت ڪرڻ لاءِ پسند ڪيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسين برابر شاهد آهيون.


۽ ماڻهن يشوع کي چيو تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين، ۽ سندس آواز ٻڌنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ