Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 24:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 24:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عمرام جو اولاد؛ هارون، ۽ موسيٰ، ۽ مريم. ۽ هارون جا پٽ؛ ندب ۽ ابيهو، اليعزر، ۽ اتمر.


سڀيئي ٻار جي يعقوب مان پيدا ٿيا هئا سي ستر ڄڻا هئا؛ ۽ يوسف اڳيئي مصر ۾ هو.


۽ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي نازل ٿيو؛ ۽ خداوند موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيو، ۽ موسيٰ مٿي چڙهي ويو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ؛ پر ڪاهن ۽ ٻيا ماڻهو حدون ڀڃي خداوند وٽ مٿي نہ اچن، متان هو مٿن ڪڙڪي پوي.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گهاٽي ڪڪر ۾ ٿو اچان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن آءٌ تو سان ڳالهايان، تڏهن ماڻهو اهو ٻڌن، ۽ هميشہ تو تي اعتبار ڪندا رهن. ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند کي ٻڌايو.


تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.


پوءِ موسيٰ جبل تي ويو، ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال سينا جبل تي رهيو.


رڳو موسيٰ خداوند جي ويجهو اچي، پر هو ويجهو نہ اچن، نڪي ٻيا ماڻهو هن سان گڏجي مٿي اچن.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا.


۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


تڏهن هن چيو تہ هتي ويجهو نہ اچ؛ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ڇالاءِ جو اهو هنڌ جتي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي.


۽ صبح جو سوير تيار ٿي سينا جبل تي چڙهي اچج، ۽ اتي جبل جي چوٽيءَ تي منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿج،


هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.


۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.


هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين.


پوءِ اُهي ستر ڄڻا خوش ٿي موٽي آيا، ۽ اچي چيائونس، تہ اي خداوند، تنهنجي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع آهن.


پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ