Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 23:3 - Sindhi Bible

3 نڪي ڪنهن غريب جي معاملي ۾ سندس پاس خاطري ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي معاملي ۾ بہ سندس ناجائز طرفداري نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 23:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪج.


شرير جي پاسداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچي کي هڪالي ڪڍڻ.


ڪنهن غريب کي انهيءَ ڪري نہ ڦر تہ هو غريب آهي. نڪي ڪنهن ڏکويل کي دروازي تي ستاءِ:


افسوس آهي انهن تي جي بي انصافيءَ جا حڪم جاري ڪن ٿا، ۽ انهن لکڻ وارن تي جي ڏنگائي لکن ٿا:


اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.


ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهان جا قصور ڪيترا گهڻا آهن، ۽ اوهان جا گناهہ ڪيترا نہ وڏا آهن؛ اوهين جي سچن کي ڏکويو ٿا، ۽ رشوت وٺو ٿا، ۽ مسڪين کي دروازي ۾ سندس حق کان هڪالي ٿا ڪڍو.


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان.


تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ