Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو هر ڪنهن قسم جي ڪپت، ڇا ڍڳي جي، ڇا گڏهہ جي، ڇا رڍ جي، ڇا ڪپڙن جي، ڇا ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جي، جنهن جي بابت ڪو چوي تہ هيءَ منهنجي آهي، تنهنجي لاءِ ٻنهي ڄڻن جي دعويٰ خدا جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي؛ ۽ جنهن کي خدا ڏوهاري ٺهرائيندو سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو ڀري ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 خيانت واري هر ڪنهن معاملي ۾ توڙي اهو ڍڳي جو هجي يا گڏهہ جو، رڍ جو هجي يا ڪپڙن جو يا وري ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جو، جنهن بابت ٻن ماڻهن مان هر ڪو چوي تہ ’هيءَ منهنجي آهي،‘ تنهن لاءِ ٻئي ڄڻا مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻن. انهن مان جنهن کي آءٌ ڏوهاري قرار ڏيندس سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو عيوضو ڀري ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مرون ڦاڙيو سو بہ مون تو وٽ نہ آندو، پر انهيءَ جو نقصان مون پاڻ تي کنيو. جيڪو ڏينهن جو يا رات جو چورائجي ويو، سو بہ تو مون کان ڀرائي ورتو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جو ڪو گناهہ ڪري، ۽ انهيءَ تي قسم جو بار رکيو وڃي، ۽ هو هن گهر ۾ تنهنجي قربانگاهہ اڳيان اچي قسم کڻي:


۽ جيڪي اوهان جا ڀائر پنهنجن شهرن ۾ رهن ٿا، تن منجهان جڏهن ڪڏهن ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جو هڪٻئي سان رت جي يا شريعت ۽ حڪم جي يا قاعدن ۽ فيصلن جي وچ ۾ هجي، تڏهن اوهين انهن کي خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا ڏوهاري نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي ڀائرن تي غضب نازل ٿئي: جي ائين ڪندا تہ اوهين ڏوهاري نہ ٿيندا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو، يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهو مري پوي، يا انهي کي ڪو ايذاءُ رسي، يا ڪيڏانهن هڪاليو وڃي، ۽ ڪوبہ انهي کي نہ ڏسي؛


تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج.


جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي.


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي.


۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ تنهنجو ڪو ڏوهہ ڪري، تہ اڪيلائيءَ ۾ هن کي سندس قصور ٻڌاءِ؛ جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهہ مڃي، تہ تو پنهنجو ڀاءُ پاڻ ڏانهن ڪيو:


سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو.


جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ