Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:7 - Sindhi Bible

7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي نقد پيسا يا ڪا جنس رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر مان چورائجي وڃن، تہ جي چور هٿ اچي تہ هو انهي کان ٻيڻو ڀري ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي روڪ پئسا يا ڪو ٻيو سامان امانت‌طور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گھر مان چورائجي وڃن، تہ پوءِ جيڪڏهن چور هٿ اچي تہ اهو چور انهيءَ کان ٻيڻو عيوضو ڀري ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي.


جيڪڏهن باهہ لڳي ۽ اها ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي وٺي، جنهنڪري اَن جا انبار، يا اَن جي بيٺل پوک، يا ٻني سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.


جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛


تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪج، نڪي انهيءَ کان ڪي ڦري وٺج: مزدور جي مزدوري سڄي رات، يعني صبح تائين پاڻ وٽ نہ رکج.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ خداوند جي برخلاف هي قصور ڪري، يعني ڪنهن امانت ۾، يا سودي ۾ پنهنجي پاڙيسري سان ڪپت ڪري، يا انهي جي ڪا شيءِ ڦري وٺي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪو ظلم ڪري؛


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي.


هاڻي ائين جو چيائين سو انهي ڪري نہ، جو غريبن جو ڪو فڪر هوس؛ پر ڇالاءِ جو هو چور هو، ۽ ڳوٿري وٽس رهندي هئي، تنهنڪري جيڪي منجهس پوندو هو، سو پاڻ کڻندو هو.


نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گارگند ڏيندڙ، نڪي ظالم خدا جي بادشاهت جا وارث ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ