Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:5 - Sindhi Bible

5 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جانور کي ڪا ٻني يا ڊاک جو منهہ کارائي، يا پنهنجو ڪو ڍور ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنيءَ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي، تہ خود پنهنجي تمام ڀليءَ ٻنيءَ مان، يا پنهنجي عمدي ڊاک جي منهہ مان عيوضو ڀري ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چوپائي مال کي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ ۾ چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏي، پر اهو وڃي ڪنهن جي ٻنيءَ کي ڀيلي ڇڏي، تہ کيس پنهنجي ٻنيءَ يا انگورن جي باغ جي ڀلي ۾ ڀلي پيداوار مان عيوضو ڀري ڏيڻو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن جي لاءِ هن پورهيو ٿي ڪيو سو هو موٽائي ڏيندو ۽ ڳهي نہ ويندو؛ جيڪو مال ملڪيت وٽس آهي تنهن موجب هو خوشيون نہ ڪندو.


تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ انهي جو نقصان ڀري ڏئي؛ هو انهي جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي، ۽ مئل جانور سندس ٿيندو.


پر جي هو هن وٽان چورائجي ويو هوندو، تہ پوءِ هو انهي جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو.


پر جي سج اُڀرڻ کان پوءِ هن کي ماري وجهي، تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي: چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي، پر جي وٽس ڪي بہ نہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گهرجي.


جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي.


جيڪڏهن باهہ لڳي ۽ اها ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي وٺي، جنهنڪري اَن جا انبار، يا اَن جي بيٺل پوک، يا ٻني سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.


تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ