Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:4 - Sindhi Bible

4 جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي چورائي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي، ۽ انهي کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند، ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جانور کي ڪا ٻني يا ڊاک جو منهہ کارائي، يا پنهنجو ڪو ڍور ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنيءَ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي، تہ خود پنهنجي تمام ڀليءَ ٻنيءَ مان، يا پنهنجي عمدي ڊاک جي منهہ مان عيوضو ڀري ڏئي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي نقد پيسا يا ڪا جنس رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر مان چورائجي وڃن، تہ جي چور هٿ اچي تہ هو انهي کان ٻيڻو ڀري ڏئي.


ڇالاءِ جو هر ڪنهن قسم جي ڪپت، ڇا ڍڳي جي، ڇا گڏهہ جي، ڇا رڍ جي، ڇا ڪپڙن جي، ڇا ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جي، جنهن جي بابت ڪو چوي تہ هيءَ منهنجي آهي، تنهنجي لاءِ ٻنهي ڄڻن جي دعويٰ خدا جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي؛ ۽ جنهن کي خدا ڏوهاري ٺهرائيندو سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو ڀري ڏيندو.


پر جي هو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو؛ هو پنهنجي گهر جو سمورو مال ڏيندو.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي.


جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.


۽ هن چيو تہ خدا اوهان تي شاهد آهي، ۽ سندس مسح ڪيل اڄ شاهد آهي، تہ اوهان منهنجي هٿ ۾ ڪي ڪين لڌو آهي. ۽ هنن چيو تہ اهو شاهد آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ