3 پر جي سج اُڀرڻ کان پوءِ هن کي ماري وجهي، تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي: چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي، پر جي وٽس ڪي بہ نہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گهرجي.
اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.
تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.