Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:2 - Sindhi Bible

2 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي کاٽ هڻندو ڏسي ماري، ۽ هو ڌڪ لڳڻ ڪري مري پوي، تہ انهي جي لاءِ مٿس خون جو ڏوهہ نہ رکيو وڃي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2-4 پر جيڪڏهن چورايل چوپايو مال هن وٽان جيئرو نڪري، پوءِ اهو ڏاند هجي، گڏهہ هجي يا رڍ هجي، تہ چور اهو ٻيڻو ڀري ڏئي. مطلب تہ چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي. پر جيڪڏهن وٽس ڪجھہ بہ ڪونہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي رات جو کاٽ هڻندي پڪڙي ۽ ڌڪ لڳڻ سان هو مري پوي، تہ انهيءَ جي خون جو ڏوهہ مٿس نہ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن سج اڀرڻ کان پوءِ کيس چوري ڪندي پڪڙي ۽ ماري وجھيس تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خوني پرهہ ڦٽيءَ جو اٿي ٿو ۽ هو غريب محتاج کي ڪهي ٿو؛ ۽ رات جي وقت هو چور وانگر آهي.


اونداهيءَ ۾ هو گهرن کي کاٽ هڻن ٿا: ۽ ڏينهن جو هو پاڻ کي لڪايو ڇڏين؛ هو روشنائيءَ کي ڄاڻن ئي نہ ٿا.


هو ماڻهن جي وچ مان هڪليا ويا آهن؛ اُهي هنن جي پٺيان ائين رڙيون ٿا ڪن جيئن ڪنهن چور جي پٺيان.


بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي.


جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.


هو شهر تي ٽپي اچن ٿا؛ هو ڀت تي ڊوڙن ٿا؛ هو مٿان چڙهي گهرن منجهہ اچن ٿا؛ هو چور وانگي يردن مان لنگهي اچن ٿا.


۽ جيڪڏهن خون جي وير وٺڻ واري کي اهو پناهہ جي شهر جي حد جي ٻاهر گڏجي وڃي، ۽ اهو وير وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي ماري وجهي؛ تہ انهي تي خون جو ڏوهہ ڪونہ ايندو:


پر هيترو ڄاڻجو تہ جيڪڏهن گهر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ ڪهڙي پهر ۾ چور ايندو تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها، ۽ پنهنجي گهر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.


ڇالاءِ جو اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند جو ڏينهن ائين ايندو جيئن رات جو ڪو چور اچي.


پر ڏسو، متان اوهان مان ڪوبہ خوني، يا چور، يا بدڪار، يا ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ