Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:18 - Sindhi Bible

18 تون ڪنهن جادوگر زال کي جيئرو متان ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اوهين ڪنهن بہ جادوگرياڻيءَ کي جيئرو نہ ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


ڇالاءِ جو هو اوهان کي هڪڙي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين، انهي لاءِ تہ اوهان کي پنهنجي ملڪ مان پري ڪڍي موڪلين؛ ۽ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان ۽ اوهين چٽ ٿي وڃو.


باقي اوهين سي پنهنجن نبين جي، يا پنهنجن غيب دانن جي، يا پنهنجن خواب ڏسندڙن جي، يا پنهنجن فال وجهندڙن جي، يا پنهنجن جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جي اوهان کي چون ٿا تہ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري نہ ڪندا:


۽ تون ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪج: ۽ نہ ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي انهي جي هيٺان سمهي: اها اونڌي ڳالهہ آهي.


اوهين ڪابہ شيءِ رت سان گڏيل نہ کائجو: نڪي جادوگري ڪجو. نڪي سوڻ ساٺ ڪجو.


جيڪي ڀوپا ۽ جادوگر آهن، تن ڏانهن منهن نہ ڪجو، نڪي انهن کي ڳولي وٽن وڃجو، متان اوهين انهن سان ناپاڪ ٿيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


۽ ڪيترائي جادوگر پنهنجا ڪتاب گڏ ڪري کڻي آيا ۽ سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيائون: ۽ انهن جي قيمت جو حساب ڪيائون تہ پنجاهہ هزار رپيا ٿيا.


بت پرستي، جادوگري، عداوتون، جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، جدائيون، بدعتون،


جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي جانور سان بدفعلي ڪري سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.


تڏهن انهي زال چيس تہ ڏس، توکي خبر آهي تہ سائول ڇا ڪيو آهي جو ڀوپن ۽ جادوگرن کي هن ملڪ مان وڍي ڪڍي ڇڏيو آهي: تڏهن ڇو منهنجي مارڻ لاءِ تون هيءَ ڦاهي ٿو وجهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ