Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:11 - Sindhi Bible

11 تہ انهن ٻنهي جي وچ ۾ خداوند جي قسم سان فيصلو ٿئي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي؛ ۽ انهي جو مالڪ اهو قسم قبول ڪندو، ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تہ انهن جي وچ ۾ مون خداوند کي شاهد بڻائي قسم سان فيصلو ڪيو وڃي، تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي. مالڪ اهو قسم قبول ڪندو ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو، يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهو مري پوي، يا انهي کي ڪو ايذاءُ رسي، يا ڪيڏانهن هڪاليو وڃي، ۽ ڪوبہ انهي کي نہ ڏسي؛


پر جي هو هن وٽان چورائجي ويو هوندو، تہ پوءِ هو انهي جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو.


پر جي چور هٿ نہ اچي تہ پوءِ گهر جو مالڪ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿئي، ۽ ثابت ڪري تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي.


تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج.


تہ متان آءٌ ڍائجي پوان ۽ توکان منڪر ٿيان، ۽ چوان تہ خداوند ڪير آهي؟ يا متان آءٌ غريب ٿي پوان ۽ چوري ڪريان، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي ادبي ڪريان.


آءٌ توکي نصيحت ٿو ڏيان تہ بادشاهہ جو حڪم خدا جي قسم وانگر بجاءِ آڻ.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاهدي ڀرڻ وقت، جڏهن کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجيس، سو نہ ٻڌائي، تہ هو گناهہ ٿو ڪري ۽ انهي جو ڏوهہ مٿس پوندو.


يا ڪا گم ٿيل شيءِ لڀي ۽ انهيءَ ۾ ڪپت ڪري، يا ڪوڙو قسم کڻي؛ يعني انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙي جي ڪرڻ ڪري گنهگار ٿئي:


ڇالاءِ جو ماڻهو پاڻ کان وڏي جو قسم کڻندا آهن؛ ۽ سندن سڀ ڪنهن تڪرار ۾ قسم آخرين ثابتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ