Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 22:1 - Sindhi Bible

1 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي، ۽ انهي کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند، ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي ۽ انهيءَ کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 22:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي کي انهيءَ رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇالاءِ جو هن کي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو ۽ اهڙو ڪم ڪيائين.


يا جي اها خبر هجي تہ انهي ڏاند کي اڳي بہ سڱن هڻڻ جي عادت هئي، ۽ انهي جي مالڪ کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي، تہ پوءِ ضرور هو ڏاند جو ڏاند ڀري ڏئي، ۽ مئل ڏاند سندس ٿيندو.


جتي ڏاند ناهن اتي آهرو صاف ٿو رهي: پر اَن جي زيادہ پيدائش ڏاند جي مضبوطائيءَ جي ڪري آهي.


پر جي هو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو؛ هو پنهنجي گهر جو سمورو مال ڏيندو.


بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي.


جي شرير گروي رکيل شيءِ موٽائي ڏيندو، ۽ چورايل مال موٽائي ڏيندو، ۽ حياتيءَ جي قانونن تي هلندو، ۽ ڪوبہ گناهہ نہ ڪندو، تہ اُهو ضرور جيئرو رهندو، مرندو ڪين.


تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي.


پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ