Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 21:2 - Sindhi Bible

2 جيڪڏهن تون ڪو عبراني غلام خريد ڪندين تہ اهو ڇهہ سال غلامي ڪندو، ۽ ستين سال مفت آزاد ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي هم‌قوم عبرانيءَ کي غلام طور خريد ڪري ٿو تہ اهو ڇهن سالن تائين سندس خدمت ڪندو. ستين سال هو مفت ۾ آزاد ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 21:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل خدا توکي آسمان جي ماڪ، زمين جو سڻڀ، ۽ ججهو اَن ۽ مئي ڏئي.


تڏهن چيائين تہ هن کي يعقوب نالو برابر ڪين مليو آهي ڇا؟ ڇو جو هن هي ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي: هو منهنجي پهريتي هئڻ جو حق وٺي ويو؛ ۽ هاڻي ڏس، هو منهنجي برڪت بہ کڻي ويو آهي. پوءِ چيائين تہ تو منهنجي لاءِ ڪا برڪت بچائي نہ رکي آهي ڇا؟


هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.


۽ انهن کي چيم تہ اسان پنهنجي وسعت آهر انهن پنهنجن يهودي ڀائرن کي پئسا ڏيئي ڇڏايو آهي، جي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا؛ ۽ اوهين ائين گهرو ٿا ڇا تہ پنهنجا ڀائر وڪڻو، ۽ اهي اسان وٽ وڪامن؟ تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪُڇيائون.


پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو ٻانهو، جو زرخريد هوندو، تنهن جو جڏهن اوهين ختنو ڪندا، تنهن کان پوءِ هو انهي مان کائي سگهندو.


جيڪڏهن اهو اڪيلو آيو هوندو تہ وري اڪيلو ئي ويندو: پر جي هو پرڻيل هوندو تہ سندس زال بہ ساڻس گڏ ويندي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ٻانهي ڪري وڪڻندو، تہ هوءَ غلامن وانگي آزاد نہ ٿيندي.


پر جي سج اُڀرڻ کان پوءِ هن کي ماري وجهي، تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي: چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي، پر جي وٽس ڪي بہ نہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گهرجي.


۽ جيڪڏهن هو انهيءَ ريت ڇڏايو نہ وڃي، تہ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽي ويندا.


پر هن وٽ هو ڪي بہ ڪين، جنهن سان پنهنجو قرض کڻي لاهي، تنهنڪري سندس ڌڻيءَ حڪم ڪيو تہ هن کي، ۽ سندس زال ۽ ٻارن کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هجي، سو سڀ وڪڻي قرض جي ادائي ڪريو.


ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.


ستن ستن ورهين کان پوءِ تون ڇوٽڪارو ڏج.


جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن ائين ڪرڻ ڏکيو متان سمجهين؛ ڇالاءِ جو هن ڇهن ورهين تائين ٻن مزورن جيتري تنهنجي خدمت ڪئي آهي: ۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو.


۽ موسيٰ انهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ستن ورهين جي پڇاڙيءَ ۾، ڇوٽڪاري واري سال جي مقرر ڪيل وقت تي، تنبن واريءَ عيد تي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ