Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 20:8 - Sindhi Bible

8 تون سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اوهين سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو خدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 20:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو.


۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.


انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو.


۽ تو پنهنجو پاڪ سبت انهن کي ڄاڻايو، ۽ پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان هنن کي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ شريعت ڏني.


ڇهہ ڏينهن تون پنهنجو ڪم ڪار ڪج، ۽ ستين ڏينهن آرام وٺج، انهي لاءِ تہ تنهنجا ڏاند ۽ تنهنجا گڏهہ بہ آرام وٺن، ۽ تنهنجيءَ ٻانهيءَ جو پٽ ۽ مسافر بہ آرام وٺي تازا ٿين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ،


۽ موسيٰ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي گڏ ڪري کين چيو تہ جيڪي ڳالهيون خداوند اوهان جي تعميل لاءِ فرمايون آهن، سي هي آهن.


مبارڪ آهي اهو ماڻهو جو ائين ٿو ڪري، ۽ اهو بني آدم جو انهي کي مڃي ٿو. جو سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿو، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي برائيءَ کان پنهنجو هٿ روڪي ٿو.


جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي سنڀال ڪريو ۽ سبت جي ڏينهن ڪوبہ بار نہ کڻو، ۽ نہ اُهو يروشلم جي دروازن اندر آڻيو؛


نڪي سبت جي ڏينهن پنهنجن گهرن مان بار کڻي ٻاهر وڃو، ۽ نہ ڪو ڪم ڪريو: پر اوهين سبت جو ڏينهن پاڪ رکو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو؛


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اوهين ڪوشش ڪري منهنجي ٻڌندا، ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، پر سبت جو ڏينهن پاڪ رکندا، ۽ ان ۾ ڪو ڪم ڪار نہ ڪندا؛


۽ منهنجي سبتن کي پاڪ ڄاڻو ۽ اُهي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ نشاني ٿيندا، انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي: پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، جنهن تي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني گهرن ۾ خداوند جو سبت آهي.


اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


جڏهن اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ هئا، تڏهن هنن هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو.


تون خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب، سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ